ڀاڳناڙي مندر

ڀاڳناڙي مندر: ڪراچيءَ (مٺو در) جي ڪڪري گرائونڊ ۽ دادا منيش جي سامهون هڪ وڏي علائقي ۾ موجود ڀاڳناڙي مندر هڪ پُر رونق ماڳ هو، جيڪو هاڻي رونق ڇڏي ويو آهي. هتي ڌرم شالا به هوندي هئي. هي ڪراچيءَ جو قديم مندر آهي.هي مندر ينگ هندو ويلفيئر جي انتظام هيٺ هلندڙ آهي. ڌرم شالا ۽ مندر جي گھڻي حصي تي هن وقت ڪجهه ڌرين قبضو ڪري دڪان ۽ گھر به ٺاهرايا آهن. مندر جي هڪ حصي تي پاڪ انٽرنيشنل ٽرانسپورٽ جي آفيس آهي. صرف پوڄا پاٺ واري جاءِ بچيل آهي، باقي خوبصورت حصي تي قبضو ڪري هن مندر جي سونهن کي ڇيهو رسايو ويو آهي. مندر جو اندريون ڏيک تمام وڻندڙ ۽ صاف سٿرو آهي.


لفظ ڀاڳناڙي مندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو